رسولن جا ڪم 7:8-14 SCLNT

8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.

9 اھي بزرگ پنھنجي ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انھن ماڻھن وٽ وڪيائون، جيڪي ھن کي غلام ڪري مصر ڏانھن وٺي ويا. پر خدا ھن ساڻ ھو

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين ۽ دانائي بخشيائينس، جنھن ڪري ھو مصر جي بادشاھہ فرعون وٽ قبول پيو. فرعون يوسف کي مصر جو حاڪم ۽ پنھنجي محلات جو مالڪ بڻايو.

11 تنھن کان پوءِ مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنھن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو.

12 پر جڏھن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آھي تڏھن ھن پنھنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پھريون دفعو اوڏانھن موڪليو.

13 ٻئي دفعي يوسف پنھنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو ۽ فرعون کي يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي.

14 تنھنڪري يوسف پنھنجي پيءُ يعقوب ۽ پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اھي جملي پنجھتر ڄڻا ھئا.