14 جڏھن يروشلم ۾ رسولن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻھن خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي انھن ڏانھن موڪليائون.
15 اھي جڏھن اتي پھتا تہ انھن لاءِ دعا گھريائون تہ کين پاڪ روح ملي،
16 ڇالاءِجو اڃا انھن تي پاڪ روح نازل نہ ٿيو ھو. انھن رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي.
17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.
18 شمعون جڏھن ڏٺو تہ رسولن جي ھٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي پيسا آڇيائين
19 ۽ چيائين تہ ”مون کي بہ اھا اختياري ڏيو تہ جنھن تي پنھنجا ھٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“
20 تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنھنجا پيسا ٻئي جھنم ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ’خدا جي بخشش پيسن سان خريد ڪريان.‘