17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.
18 شمعون جڏھن ڏٺو تہ رسولن جي ھٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي پيسا آڇيائين
19 ۽ چيائين تہ ”مون کي بہ اھا اختياري ڏيو تہ جنھن تي پنھنجا ھٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“
20 تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنھنجا پيسا ٻئي جھنم ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ’خدا جي بخشش پيسن سان خريد ڪريان.‘
21 ھن ڪم ۾ تنھنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آھي، ڇالاءِجو تنھنجي دل اڃا خدا ڏانھن صاف نہ ٿي آھي.
22 تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“
23 پطرس وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ گناھن ۾ گرفتار آھين.“