رسولن جا ڪم 8:22-28 SCLNT

22 تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“

23 پطرس وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ گناھن ۾ گرفتار آھين.“

24 تنھن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوھين منھنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالھيون اوھان چيون آھن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“

25 خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ پنھنجي شاھدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانھن موٽيا ۽ واٽ تي سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبريءَ جي منادي ڪيائون.

26 خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“

27 فلپس تيار ٿيو ۽ اوڏانھن ويو پئي تہ رستي ۾ کيس ھڪڙو حبش جو ماڻھو مليو جيڪو کدڙو ھو. ھي ماڻھو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير ھو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھو.

28 ھو گاڏيءَ ۾ پنھنجي وطن ڏانھن موٽي رھيو ھو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندو پئي ويو.