23 پطرس وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ گناھن ۾ گرفتار آھين.“
24 تنھن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوھين منھنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالھيون اوھان چيون آھن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“
25 خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ پنھنجي شاھدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانھن موٽيا ۽ واٽ تي سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبريءَ جي منادي ڪيائون.
26 خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“
27 فلپس تيار ٿيو ۽ اوڏانھن ويو پئي تہ رستي ۾ کيس ھڪڙو حبش جو ماڻھو مليو جيڪو کدڙو ھو. ھي ماڻھو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير ھو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھو.
28 ھو گاڏيءَ ۾ پنھنجي وطن ڏانھن موٽي رھيو ھو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندو پئي ويو.
29 پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انھيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“