5 فلپس سامريہ جي شھر ۾ ويو ۽ اتي ماڻھن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.
6 جڏھن ماڻھن فلپس جي تبليغ ٻڌي ۽ اھي معجزا ڏٺا جيڪي فلپس ڪيا، تڏھن سڀيئي گڏجي سندس ڳالھيون دل سان ٻڌڻ لڳا.
7 ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترا ئي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻھو چڱا ڀلا ٿي ويا.
8 تنھنڪري انھيءَ شھر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.
9 انھيءَ شھر ۾ شمعون نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جنھن ڪجھہ وقت تائين سامريہ جي ماڻھن کي پنھنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو. ھو دعويٰ ڪندو ھو تہ ”آءٌ ھڪ وڏي ھستي آھيان.“
10 شھر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا ھئا ۽ انھيءَ ماڻھوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا ھئا.
11 ھو کيس ان ڪري مڃيندا ھئا جو ھن ڪيتري وقت تائين انھن کي پنھنجي جادوگريءَ جي وسيلي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو.