رسولن جا ڪم 9:16-22 SCLNT

16 آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“

17 سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“

18 ھڪدم ڪا شيءِ مڇيءَ جي ڇلڙ وانگر شائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ ھو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. ھو اٿي بيٺو ۽ بپتسما ورتائين.

19 پوءِ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي.شائول دمشق ۾ ڪجھہ ڏينھن تائين شاگردن سان گڏ رھيو.

20 ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.

21 جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“

22 پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.