2 ۽ چيائينس تہ ”مون کي دمشق جي يھودي عبادتخانن لاءِ ڪي اھڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جن بہ مردن توڙي عورتن کي انھيءَ طريقي تي ڏسان تہ کين گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“
3 واٽ ويندي جڏھن ھو دمشق جي ويجھو پھتو، تڏھن اوچتو آسمان مان ھڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.
4 ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“
5 ھن پڇيو تہ ”خداوند! تون ڪير آھين؟“ آواز چيو تہ ”آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.
6 ھاڻي اُٿ ۽ شھر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“
7 جيڪي ماڻھو شائول سان گڏ وڃي رھيا ھئا، سي بيھي رھيا ۽ وائڙا ٿي ويا. انھن آواز تہ ٻڌو پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آين.
8 شائول زمين تان اٿيو ۽ پنھنجون اکيون کوليائين، پر ھو ڏسي نہ ٿي سگھيو. سو انھن کيس ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.