رسولن جا ڪم 9:24-30 SCLNT

24 پر شائول کي سندن سازش جي خبر پئجي ويئي تہ اھي رات ڏينھن شھر جي دروازن تي پھرو ڏيندا رھن ٿا تہ جيئن کيس مارين.

25 سو سندس شاگردن رات جي وقت ھن کي ھڪڙي کاريءَ ۾ ويھاري شھر جي ڀت کان ھيٺ لاھي ڇڏيو.

26 پوءِ شائول يروشلم ۾ اچي پھتو ۽ شاگردن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اھي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ ھو بہ ڪو شاگرد آھي.

27 تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي.

28 پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو.

29 ھو يوناني ڳالھائيندڙ يھودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو ھو، پر اھي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا ھئا.

30 جڏھن ڀائرن کي اھا خبر پيئي تہ ھو شائول کي قيصريہ ۾ وٺي آيا ۽ پوءِ کيس ترسس ڏانھن موڪلي ڇڏيائون.