32 پطرس سڄي ملڪ ۾ گھمندو رھيو ۽ ھڪڙي ڏينھن ھو خداوند جي انھن ماڻھن سان ملڻ ويو، جيڪي لدہ ۾ رھندا ھئا.
33 اتي ھن اينياس نالي ھڪ اھڙي ماڻھوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل ھو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو ھو.
34 پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو.
35 لدہ ۽ شارون جي سڀني ماڻھن جڏھن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏھن ھنن خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.
36 يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.
37 انھن ڏينھن ۾ ھوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. ھن جي لاش کي غسل ڏيئي ماڙيءَ تي ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون.
38 جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“