1 ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون.
2 پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.
3 سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِجو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.
4 ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،