مڪاشفو 16 SCLNT

خدا جي غضب جا پيالا

1 پوءِ مون ھيڪل مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انھن ستن ملائڪن کي چئي رھيو ھو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا زمين تي ھاريو.“

2 پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

3 پوءِ ٻئي ملائڪ پنھنجو پيالو سمنڊ جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جو پاڻي مئل ماڻھوءَ جي رت جھڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساھوارا مري ويا.

4 جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.

5 مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين،تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.

6 ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا جي قوم وارن۽ نبين جو رت وھايو،۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو.اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“

7 ايتري ۾ مون قربان⁠گاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق!بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“

8 چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي.

9 اھي سخت تپش جي ڪري ڏاڍا سڙي پيا ۽ خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، جيڪو انھن آفتن تي اختيار رکي ٿو. پوءِ بہ انھن توبھہ نہ ڪئي ۽ نہ ئي سندس واکاڻ ڪيائون.

10 ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.

11 اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون.

12 جڏھن ڇھين ملائڪ پنھنجو پيالو وڏي درياءَ فرات جي مٿان ھاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو، تہ جيئن اڀرندي کان اچڻ وارن بادشاھن لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.

13 پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.

14 اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.

15 ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آھي. سڀاڳو آھي اھو جيڪو سجاڳ ٿو رھي ۽ پنھنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻھو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.

16 پوءِ انھن روحن بادشاھن کي انھيءَ ھنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ ھرمگدون ٿا چون.

17 جڏھن ستين ملائڪ پنھنجو پيالو ھوا ۾ ھاريو تہ ھيڪل مان تخت واري پاسي کان ھڪڙو وڏو آواز آيو، جنھن چيو تہ ”پورو ٿيو.“

18 انھيءَ تي کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيون ۽ وڏو زلزلو آيو. جڏھن کان ماڻھو زمين تي پيدا ٿيا آھن تہ اھڙو وڏو زلزلو ڪڏھن ڪونہ آيو ھو.

19 اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري.

20 سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رھيو.

21 ماڻھن تي آسمان مان وڏا ڳڙا وسڻ لڳا، جن مان ھر ھڪ جو وزن اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھو. انھن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻھو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو اھا آفت ڏاڍي سخت ھئي.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22