1 ان کان پوءِ مون ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لھندي ڏٺو، جنھن کي وڏو اختيار مليل ھو ۽ سندس جلوي جي ڪري زمين روشن ٿي ويئي.
2 ھن وڏي آواز سان چيو تہ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو.اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو.ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو،بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.
3 ڇالاءِجو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪريسڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن،۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي.دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪريدولتمند ٿي پيا.“
4 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو،تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو.متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.
5 ڇالاءِجو انھيءَ جا گناھہ آسمان تائين وڃي پھتا آھن،۽ خدا کي ھن جون بدڪاريون ياد آھن.
6 جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس.جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.
7 جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو۽ عيش عشرت ڪيائين،اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو.ڇالاءِجو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان.آءٌ رنزال نہ آھيان،۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘
8 انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار.اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي،ڇالاءِجو خداوند خدا،جيڪو ھن جو انصاف ڪندوسو قادر آھي.“
9 دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.
10 اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“
11 دنيا جا سوداگر ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇالاءِجو سندن مال وري ڪوبہ خريد نہ ڪندو.
12 يعني سندن سون، چاندي، ھيرا جواھرات، موتي، عمدو ڪپڙو، واڱڻائي، ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، سڀ سرھيون ڪاٺيون، عاج، تمام قيمتي ڪاٺ، پتل، لوھہ ۽ سنگمرمر مان ٺھيل ھر قسم جون شيون،
13 دالچيني، مصالحا، خوشبوءِ، عطر، لوبان، مئي، تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ انسانن جون جانيون ۽ ساھہ.
14 اھي چوندا تہ ”تنھنجا دل پسند ميوا تو وٽان ھليا ويا ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون تو وٽ ھيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏھن بہ ھٿ ڪين اينديون.“
15 انھن شين جا سوداگر جيڪي انھيءَ واپار جي ڪري دولتمند ٿي ويا ھئا، سي ھن جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي روئندا ۽ پٽيندا،
16 ۽ چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر جيڪو عمدو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ قرمزي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ سون، ھيرا جواھرات ۽ موتين سان سينگاريل ھو،
17 تنھن جي ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“سڀيئي ميربحر ۽ جھاز جا سڀيئي مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيھي رھندا.
18 اُھي ھن شھر جي سڙڻ جو دونھون ڏسي رڙيون ڪري چوندا تہ ”ھن وڏي شھر جھڙو ٻيو ڪو وڏو شھر ڪونھي.“
19 اھي پنھنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي رڙيون ڪري روئي پٽي چوندا تہ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر،جنھن جي دولت جي ڪريسمنڊ جا سڀيئي جھازن وارادولتمند ٿي پيا،سو ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.
20 اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو!اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو،ڇالاءِجو خدا انصاف ڪريھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“
21 پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرحزور سان ڪيرايو ويندو۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.
22 جيڪي تنبورا ۽ بانسري وڄائيندا ۽ ڳائيندا ھئا،۽ جيڪي توتارا وڄائيندا ھئا،تن جو وري تو ۾ آواز بہ ڪونہ ٻڌبو.ڪوبہ ڪاريگر، ڪھڙي بہ ڌنڌي وارو،وري تو ۾ ڪونہ لڀندو،۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ڪنھن اٽي جي چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
23 تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو،۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون.
24 انھيءَ شھر مان نبين، خدا جي قوم وارن،۽ زمين تي جيڪي قتل ڪيا ويا آھن،تن سڀني جو رت لڌو ويو ھو.“