مڪاشفو 15 SCLNT

آخري آفتن وارا ملائڪ

1 پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.

2 مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.

3 اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق!تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن.اي قومن جا بادشاھہ!تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.

4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين.سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون،ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“

5 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي.

6 انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.

7 پوءِ انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي انھن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي سدائين زندہ خدا جي غضب سان ڀريل ھئا.

8 اھو ھيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونھين سان ڀرجي ويو ۽ جيستائين انھن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ انھيءَ ھيڪل ۾ گھڙي نہ ٿي سگھيو.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22