1 انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“
2 ھڪدم آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ ڏٺم تہ آسمان ۾ ھڪڙو تخت رکيل ھو ۽ انھيءَ تخت تي ڪو ويٺو ھو.
3 جيڪو انھيءَ تي ويٺو ھو، سو زبرجد ۽ عقيق جھڙو نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ ھئي جا ڏسڻ ۾ زمرد جھڙي ھئي.
4 انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.
5 انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.
6 تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو.تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.
7 پھريون ساھوارو شينھن جھڙو ھو، ٻيو گابي جھڙو، ٽئين جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ھو ۽ چوٿون ساھوارو اڏامندڙ عقاب جھڙو ھو.
8 انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ”قدوس، قدوس، قدوس،خداوند خدا قادرِمطلق،جيڪو آھي، جيڪو ھو۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“
9 جڏھن اھي ساھوارا انھيءَ جي تعظيم، عزت ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳائين ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو،
10 تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ
11 ”اي اسان جا خداوند ۽ خدا!تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين،ڇالاءِجو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون۽ وجود ۾ آيون.“