مڪاشفو 13 SCLNT

ٻہ حيوان

1 پوءِ مون ھڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي ڏھہ سڱ ۽ ست مٿا ھئا. سندس سڱن تي ڏھہ تاج ھئا ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا لکيل ھئا.

2 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جھڙو ھو، پر سندس پير رڇ جھڙا ھئا ۽ وات شينھن جي وات جھڙو ھوس. ازدھا اُن حيوان کي پنھنجي طاقت، تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.

3 مون ڏٺو تہ ھن جي ھڪڙي مٿي تي موتمار ڌڪ لڳل ھو، پر اھو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. سڄي دنيا حيران ٿي انھيءَ حيوان جي پٺيان اچڻ لڳي.

4 ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“

5 انھيءَ حيوان کي ھڪڙو وات ڏنو ويو، جنھن سان ھن وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ڪفر بڪي رھيو ھو. ھن کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ٻائيتاليھن مھينن تائين پنھنجو ڪم جاري رکي.

6 ھن پنھنجو وات کوليو ۽ خدا ۽ سندس نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رھڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو.

7 انھيءَ کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ھو خدا جي قوم سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي. ھن کي سڀني قبيلن، اُمتن، ٻولين ۽ قومن تي بہ اختيار ڏنو ويو.

8 زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.

9 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي.

10 جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.

11 پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو.

12 انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.

13 ھُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻھن جي سامھون آسمان مان زمين تي باھہ ٿي وسايائين.

14 اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو.

15 انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي.

16 ھن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندن ساڄي ھٿ يا پيشانيءَ تي ھڪڙو نشان ھڻائي ڇڏيو.

17 ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.

18 انھيءَ ڳالھہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي سياڻپ جي ضرورت آھي، جنھن کي سمجھہ آھي، سو انھيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو عدد آھي ۽ اھو عدد ڇھہ ⁠سؤ ڇاھٺ آھي.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22