1 پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.
2 مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي ڏٺو، جنھن وڏي واڪي سان ھي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آھي جيڪو ھن ڪتاب جي کولڻ ۽ انھيءَ جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق ھجي؟“
3 پر ڪوبہ شخص آسمان ۾، يا زمين تي، يا زمين جي ھيٺان انھيءَ ڪتاب کي کولي يا ان ۾ نھاري نہ ٿي سگھيو.
4 آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ انھيءَ ڪتاب کي کولڻ يا اُن ۾ نھارڻ جي لائق نہ نڪتو.