15 ”اي صيئون جا شھر! ڊڄ نہ،ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو،جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“
16 سندس شاگردن کي پھريائين تہ اھي ڳالھيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏھن عيسيٰ جو جلوو ظاھر ٿيو، تڏھن انھن کي ياد آيو تہ اھي ئي ڳالھيون ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھن ۽ ائين ئي ماڻھن ساڻس سلوڪ ڪيو.
17 جنھن مھل عيسيٰ لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جياريو ھو، تنھن مھل جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ ھئا، سي ان وقت اھا شاھدي ڏيئي رھيا ھئا.
18 انھيءَ سبب ڪري ڪيترائي ماڻھو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇالاءِجو انھن ٻڌو ھو تہ ھن ئي اھو معجزو ڪيو آھي.
19 تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“
20 جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا.
21 اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيتصيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“