1 ڪجھہ وقت کان پوءِ يھودين جي ھڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.
2 يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ ھڪ تلاءُ آھي، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيتحسدا ڪري سڏبو آھي ۽ انھيءَ کي پنج ڏيڍيون آھن.
5 اتي ھڪڙو اھڙو ماڻھو ھو، جيڪو اٺٽيھن ورھين کان بيمار پيو ھو.
6 جڏھن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ ھو گھڻي وقت کان وٺي اھڙي حال ۾ آھي، تڏھن چيائينس تہ ”ڇا تنھنجي مرضي آھي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“
7 تنھن تي انھيءَ بيمار وراڻيو تہ ”سائين! جنھن مھل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنھن مھل اھڙو ماڻھو ڪونہ ھوندو آھي جيڪو مون کي کڻي ھن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ اچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آھي.“
8 عيسيٰ چيس تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“
9 تڏھن ھڪدم اھو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو.اھو سبت جي ڏينھن تي ٿيو.
10 تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“
11 تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنن تہ ”جنھن ماڻھوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي، تنھن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“
12 تڏھن انھن کانئس پڇيو تہ ”اھو ماڻھو ڪير آھي، جنھن تو کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘“
13 جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ اھو ڪير ھو، ڇاڪاڻتہ گھڻي گوڙ ھئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي ھليو ويو ھو.
14 ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“
15 پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“
16 انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِجو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.
17 عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“
18 ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻتہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.
19 پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِجو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.
20 انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا.
21 جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.
22 پيءُ پاڻ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ ھن پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي
23 تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.
24 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻتہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.
25 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.
26 جيئن پيءُ زندگيءَ جو وسيلو آھي، تيئن ھن پنھنجي فرزند کي بہ زندگيءَ جو وسيلو بڻايو آھي،
27 ۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِجو ھو ابن آدم آھي.
28 انھيءَ ڳالھہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻتہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن سڀيئي قبرن وارا سندس آواز ٻڌندا
29 ۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي زندگي ملندي، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا آھن تن کي سزا ملندي.“
30 ”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻتہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.
31 جيڪڏھن آءٌ پاڻ پنھنجي شاھدي ڏيان تہ منھنجي شاھدي قابل قبول نہ ٿيندي.
32 پر اھو ٻيو آھي جيڪو مون بابت شاھدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاھدي ھو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آھي.
33 اوھان پنھنجا قاصد يحيٰ ڏانھن موڪليا ۽ ھن سچ جي شاھدي ڏني.
34 مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي.
35 يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.
36 پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِجو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي.
37 بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،
38 نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻتہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.
39 اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.
40 تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.
41 آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن.
42 پر آءٌ اوھان کان واقف آھيان ۽ مون کي خبر آھي تہ خدا جو پيار اوھان جي دلين ۾ نہ آھي.
43 آءٌ تہ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان آيو آھيان ۽ اوھان مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو ٻيو پنھنجي پاران آيو تہ اوھين انھيءَ کي قبول ڪندا.
44 اوھين ھڪٻئي کان ساراھہ ڪرائڻ گھرو ٿا. پر اھا ساراھہ جا اڪيلي خدا کان ٿي ملي تنھن جي ڳولا نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻي سگھندا؟
45 اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوھان جي دانھن ڏيندس، پر اوھان جي دانھن ڏيڻ وارو موسيٰ آھي جنھن ۾ اوھان جو آسرو آھي.
46 جيڪڏھن اوھين سچپچ موسيٰ تي ايمان آڻيو ھا تہ مون تي بہ ايمان آڻيو ھا، ڇالاءِجو ھن مون بابت لکيو آھي.
47 پر جڏھن اوھين ھن جي لکتن تي ايمان نہ ٿا آڻيو، تہ پوءِ منھنجي ڳالھين تي ڪيئن ايمان آڻيندا.“