1 ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي.
2 جيڪو ماڻھو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آھي.
3 دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو.
4 جڏھن ھو انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي اچي ٿو، تڏھن ھو سندن اڳيان ٿي ھلي ٿو ۽ رڍون ھن جي پٺيان ھلن ٿيون، ڇالاءِجو اھي ھن جو آواز سڃاڻن ٿيون.
5 اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻتہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“
6 عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.
7 سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان.
8 ٻيا جيڪي بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي.
9 آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس.
10 چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.
11 آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو.
12 جيڪو مزور آھي سو نہ ريڍار آھي ۽ نڪي رڍن جو مالڪ. ھو جڏھن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو.
13 مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِجو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي.
16 منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.
17 پيءُ مون سان انھيءَ لاءِ پيار ٿو ڪري جو آءٌ پنھنجي جان ٿو ڏيان، جڏھن تہ اھا وري مون کي موٽي ملندي.
18 ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“
19 ھنن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو.
20 انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“
21 پر ٻيا چئي رھيا ھئا تہ ”جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوت ھوندو آھي، سو ھن وانگر ڳالھائي نہ سگھندو آھي. ڀوت ڪنھن انڌي جون اکيون کولي سگھي ٿو ڇا؟“
22 يروشلم ۾ عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي.
23 عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو
24 تہ ماڻھو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ اسان کي صاف سچ ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح آھين؟“
25 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو آھي، پر اوھان ايمان نہ ٿا آڻيو. جيڪي ڪم آءٌ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين.
26 پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو، ڇالاءِجو اوھين منھنجين رڍن مان نہ آھيو.
27 منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون.
28 آءٌ انھن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو ۽ اھي ڪڏھن بہ برباد نہ ٿينديون ۽ نڪي ڪو ٻيو اھي مون کان کسي سگھندو.
29 منھنجو پيءُ، جنھن مون کي اھي ڏنيون آھن سو سڀني کان وڏو آھي ۽ ڪوبہ منھنجي پيءُ کان اھي کسي نہ سگھندو.
30 آءٌ ۽ پيءُ ھڪ آھيون.“
31 تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا.
32 عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوھان کي ڪري ڏيکاريا آھن. انھن مان ڪھڙي ڪم جي ڪري اوھين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“
33 تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِجو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“
34 عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘
35 خدا انھن کي پنھنجا فرزند سڏيو جن کي سندس ڪلام مليل ھو ۽ خدا جو ڪلام ھميشہ لاءِ سچو آھي.
36 جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘
37 جيڪڏھن آءٌ پيءُ جا ڪم نہ ڪندو ھجان تہ اوھين مون تي ايمان نہ آڻيو.
38 پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“
39 تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.
40 عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي ھُن ڀر انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو ھو. ھو اتي رھي پيو.
41 ڪيترائي ماڻھو وٽس ايندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ ”يحيٰ تہ ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو، پر جيڪي ڳالھيون ھن ماڻھوءَ بابت چيائين سي سڀ پوريون ٿيون.“
42 اتي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.