يوحنا 11 SCLNT

لعزر جو موت

1 لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيت⁠عنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيت⁠عنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون.

2 ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو.

3 ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“

4 عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“

5 عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو.

6 مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو.

7 پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“

8 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ماڻھو اوھان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ اوھين وري اوڏانھن موٽي ھلو ٿا؟“

9 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي.

10 پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي روشني نہ آھي.“

11 عيسيٰ ھن کان پوءِ وڌيڪ چيو تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آھي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“

12 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن لعزر ننڊ ۾ آھي تہ بچي پوندو.“

13 عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالھہ ڪئي، پر ھنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمھي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي.

14 تنھنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آھي.

15 آءٌ اوھان جي خاطر خوش آھيان جو اتي نہ ھوس تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو. ھاڻي ھلو تہ وٽس ھلون.“

16 تنھن تي توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، تنھن پنھنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ ھلون تہ جيئن اسين بہ ھن سان گڏ مرون.“

عيسيٰ قيامت ۽ زندگي آھي

17 جڏھن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري چڪا آھن.

18 بيت⁠عنياہ يروشلم کان ٽي ڪلوميٽر بہ پري نہ ھو.

19 سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.

20 جڏھن مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رھيو آھي تہ ھوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي پر مريم گھر ۾ ئي ويٺي رھي.

21 مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا.

22 پر مون کي خبر آھي تہ جيڪڏھن ھاڻي بہ اوھين خدا کان جو ڪجھہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.“

23 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنھنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“

24 مارٿا وراڻيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ ھو قيامت جي وقت آخرت جي ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندو.“

25 عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو،

26 ۽ جيڪو بہ جيئرو آھي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي سو ڪڏھن بہ نہ مرندو. ڇا تنھنجو ھن ڳالھہ تي ايمان آھي؟“

27 مارٿا وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! مون کي پڪو يقين آھي تہ خدا جو فرزند مسيح، جيڪو دنيا ۾ اچڻو ھو سي اوھين ئي آھيو.“

عيسيٰ جو روئڻ

28 ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“

29 اھا ڳالھہ ٻڌڻ شرط مريم ھڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي.

30 عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پھتو ھو، پر اتي ئي ھو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي ھئي.

31 يھودي جيڪي مريم سان گھر ۾ ويٺا ھئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏھن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاھر ويندي ڏٺو تڏھن اھي بہ ھن جي پٺيان ويا جو انھن سمجھيو تہ ھوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ وڃي ٿي.

32 جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“

33 عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.

34 ھن کانئن پڇيو تہ ”اوھان کيس ڪٿي دفن ڪيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اي خداوند! ھلي ڏسو.“

35 عيسيٰ روئي ڏنو.

36 تنھن تي يھودي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيترو نہ پيار ھو.“

37 پر انھن مان ڪن چيو تہ ”ھن انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون نہ؟ ڇا ھو ائين نہ ٿي ڪري سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ھا؟“

لعزر جو وري جيئرو ٿيڻ

38 پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو.

39 عيسيٰ چيو تہ ”ھن پٿر کي پري ھٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس ھوندي، ڇالاءِ⁠جو ھن کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري ويا آھن.“

40 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو ھو تہ جيڪڏھن تون ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلوو ڏسندينءَ؟“

41 تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي.

42 مون کي تہ خبر آھي تہ تون ھميشہ منھنجي ٻڌندو آھين. پر ھي ماڻھو جيڪي ھتي بيٺا آھن، تن کي اھو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اھي ايمان آڻين تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.“

43 ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“

44 تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“

عيسيٰ خلاف سازش

45 جيڪي يھودي مريم وٽ آيا ھئا، تن مان ڪيترن ئي جڏھن عيسيٰ جو ھي ڪم ڏٺو تڏھن مٿس ايمان آندائون.

46 پر انھن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو ھو سو وڃي کين ٻڌايائون.

47 تنھن تي فريسي ۽ سردار ڪاھن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟ ھي ماڻھو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري.

48 جيڪڏھن اسين ھن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ ھر ڪو مٿس ايمان آڻيندو ۽ رومي حاڪم اسان تي قدم کڻندا. پوءِ ھو اسان جي ھيڪل ۽ سڄي قوم کي تباھہ ڪري ڇڏيندا.“

49 انھن مان ھڪڙي شخص جو نالو قائفا ھو جيڪو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھن چيو تہ ”اوھان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي.

50 اوھين اھو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوھان جي لاءِ ھي بھتر ٿيندو جو ھڪڙو ماڻھو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباھہ ٿئي.“

51 حقيقت ۾ ھن جيڪي لفظ چيا سي پنھنجي طرفان نہ چيائين، پر جيئن تہ ھو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھنڪري ھن اھي لفظ اڳڪٿي ڪري چيا تہ عيسيٰ يھودي قوم لاءِ مرندو،

52 نہ رڳو قوم لاءِ پر انھيءَ لاءِ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آھن تن کي گڏي ھڪ ڪري.

53 انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

54 تنھنڪري عيسيٰ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ يھودين ۾ کليو کلايو نہ گھمندو ھو. پر ھو اتان رڻ⁠پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانھن ھليو ويو ۽ افرائيم نالي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي شاگردن سان گڏ رھڻ لڳو.

55 يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن.

56 اھي عيسيٰ کي ڳولي رھيا ھئا، سو جيئن اھي ھيڪل ۾ گھڙيا تہ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ ھو ايندو يا نہ؟“

57 سردار ڪاھنن ۽ فريسين ھي حڪم ڏيئي ڇڏيو تہ ”جيڪڏھن ڪنھن کي خبر ھجي تہ عيسيٰ ڪٿي آھي تہ اھو ضرور ٻڌائي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21