1 آچر جي ڏينھن صبح جو سوير اڃا اوندھہ ئي ھئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي، ڇا ڏسي تہ قبر جي منھن تان پٿر پري ھٽيو پيو آھي.
2 سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“
3 تنھن تي پطرس ۽ اھو ٻيو شاگرد قبر ڏانھن روانا ٿيا.
4 اھي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اھو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پھريائين قبر تي پھتو.
5 ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو ۽ ڏٺائين تہ ڪفن پيو آھي. پر ھو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو.
6 ھن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پھتو ۽ ھو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين.
7 ان کان علاوہ ھن اھو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙھيل ھو. پر اھو ٻئي ھنڌ جدا ويڙھيو پيو ھو.
8 تنھن کان پوءِ اھو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پھتو ھو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. ھن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ ايمان آندائين.
9 شاگردن اڃا تائين اھا پاڪ لکت نہ سمجھي ھئي تہ عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻو ھو.
10 پوءِ اھي شاگرد موٽي پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويا.
11 مريم قبر جي ٻاھران بيٺي رنو. روئندي روئندي ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو
12 ۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو.
13 انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“
14 ھن ائين چئي اڃا پٺيان نھاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي.
15 عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنھن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ ھي ڪو باغ جو مالھي آھي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏھن تون ھن کي ھتان کڻي ويو ھجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي اچانس.“
16 عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنھن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منھنجا استاد!“
17 عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻتہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“
18 پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اھا ڳالھہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آھي.“ ھن کين اھي ڳالھيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند ساڻس ڪيون ھيون.
19 انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“
20 ائين چوڻ کان پوءِ ھن شاگردن کي پنھنجا ھٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنھن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.
21 تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“
22 ھن ائين چئي مٿن ڦوڪيو ۽ چيائين تہ ”وٺو ھي پاڪ روح.
23 جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا گناھہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏھن اوھين انھن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“
24 توما انھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو ھو جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مھل شاگردن سان گڏ نہ ھو.
25 اھو جڏھن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آھي.“ تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنھنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ ھٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“
26 ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“
27 پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بيايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“
28 تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“
29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“
30 شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي ھن ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن.
31 پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.