1 جيئن عيسيٰ رستي سان پئي ويو تہ ھن ھڪ اھڙو ماڻھو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو ھو.
2 ھن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”استاد! ڪنھن جي گناھہ جي ڪري ھو انڌو ڄائو؟ ڇا ھن جي پنھنجي گناھہ جي ڪري يا سندس ماءُپيءُ جي گناھہ سبب؟“
3 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھن جي انڌائپ جو ھن جي گناھہ سان يا سندس ماءُپيءُ جي گناھہ سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. ھو انھيءَ ڪري انڌو آھي تہ جيئن ھن مان خدا جا ڪم ظاھر ٿين.
4 جيستائين ڏينھن آھي تيستائين اسان کي انھيءَ جا ڪم ڪرڻ گھرجن جنھن مون کي موڪليو آھي. رات ايندي تہ پوءِ ڪوبہ ماڻھو ڪم ڪري نہ سگھندو.
5 جيستائين آءٌ ھن دنيا ۾ آھيان تہ آءٌ دنيا جي روشني آھيان.“
6 ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ زمين تي ٿڪ اڇلائي ۽ انھيءَ ٿڪ سان مٽي ڳوھيائين. پوءِ اھا ڳوھيل مٽي انھيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين
7 ۽ چيائينس تہ ”پنھنجو منھن انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنھن جو نالو سيلوم (يعني موڪليل) آھي.“ پوءِ ھو ويو ۽ انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوتائين ۽ پوءِ موٽ تي ھو ڏسندو وائسندو آيو.
8 تنھن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻھن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو ھو، سي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو فقير نہ آھي ڇا جيڪو ھتي ويٺو پنندو ھو؟“
9 ڪي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ئي آھي“ ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو نہ آھي پر انھيءَ جھڙو آھي.“ تنھن تي ھن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان.“
10 پوءِ انھن پڇيس تہ ”تنھنجون اکيون ڪيئن کليون؟“
11 ھن وراڻيو تہ ”اھو شخص جنھن جو نالو عيسيٰ آھي، تنھن مٽي ڳوھي منھنجين اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’سيلوم واري تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منھن ڌوتم ۽ پوءِ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“
12 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”اھو شخص ڪٿي آھي؟“ ھن چين تہ ”مون کي خبر نہ آھي.“
13 تنھن کان پوءِ اھي انھيءَ انڌي مان سڄي ٿيل ماڻھوءَ کي فريسين وٽ وٺي آيا.
14 جنھن ڏينھن تي عيسيٰ مٽي ڳوھي انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون سو سبت جو ڏينھن ھو.
15 پوءِ فريسين انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ ٿوري مٽي منھنجين اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منھن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“
16 تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻتہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.
17 ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“
18 يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُپيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ
19 ”ڇا ھي اوھان جو پٽ آھي؟ اوھين چئو ٿا تہ ھي ڄائي ڄم کان انڌو ھو، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ ھو ھاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“
20 ھن جي ماءُپيءُ وراڻيو تہ ”اسين ڄاڻون ٿا تہ ھي اسان جو پٽ آھي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو ھو.
21 پر اھا خبر ڪانھي تہ ھاڻي ڪيئن ھو ڏسڻ وائسڻ لڳو آھي ۽ اسان کي اھا بہ خبر ڪانھي تہ ڪنھن ھن جو اکيون کوليون. اوھين کانئس پڇو، ھو بالغ آھي، پاڻ پنھنجي ڳالھہ ڪندو.“
22 سندس ماءُپيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِجو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادتگاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.
23 اھو ئي سبب ھو جو انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُپيءُ چيو تہ ”ھو بالغ آھي سو اوھين کانئس پڇو.“
24 ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“
25 انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“
26 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”ھن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تنھنجون اکيون کوليائين؟“
27 ھن وراڻيو تہ ”اڃا ھاڻي تہ مون اوھان کي ٻڌايو تہ بہ اوھان ڪونہ ٻڌو، وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاھيو؟ اوھين بہ ھن جا شاگرد ٿيڻ چاھيو ٿا ڇا؟“
28 تنھن تي انھن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انھيءَ جو شاگرد آھين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آھيون.
29 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“
30 تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.
31 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنھگارن جي نہ ٻڌندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو خداپرست آھي ۽ سندس مرضيءَ تي ھلي ٿو تہ خدا انھيءَ جي ٻڌي ٿو.
32 ھن دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏھن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو تہ ڄائي ڄم کان انڌي ماڻھوءَ جون ڪنھن بہ اکيون کوليون ھجن.
33 جيڪڏھن ھي ماڻھو خدا جي طرفان نہ ھجي ھا تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ھا.“
34 تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏيو.
35 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابنآدم تي ايمان آڻين ٿو؟“
36 تنھن تي ھن پڇيس تہ ”سائين! اھو ڪير آھي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“
37 عيسيٰ چيس تہ ”تو تہ کيس اڳي ئي ڏٺو آھي ۽ اھو ھاڻي تو سان ڳالھائي رھيو آھي.“
38 انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ پوءِ کيس سجدو ڪيائين.
39 عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“
40 پوءِ اھي فريسي جيڪي ساڻس گڏ ھئا، تن جڏھن اھي ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن انھن پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آھيون؟“
41 عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“