29 تڏھن جيڪي ماڻھو اتي بيٺا ھئا، تن مان ڪن اھو ٻڌي چيو تہ ”اُڀ گجيو،“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو آھي.“
30 پر عيسيٰ کين چيو تہ ”اھو آواز منھنجي لاءِ نہ پر اوھان جي لاءِ ھو.
31 ھي اھو وقت آھي جو دنيا جو فيصلو ٿيندو. ھاڻي ھن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.
32 جڏھن آءٌ مٿي چاڙھيو ويندس تہ سڀني کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندس.“
33 ھن چوڻ مان ھن جو مطلب ھو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو.
34 تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنآدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابنآدم ڪير آھي؟“
35 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِجو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان.