43 عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو.
44 ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“
45 جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻتہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.
46 پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو.
47 جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِجو ھو مرڻ تي آھي.“
48 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“
49 عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“