30 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟
31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻپٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي. جيئن لکيل آھي تہ ’ھن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“
32 عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آسمان واري ماني اوھان کي موسيٰ نہ ڏني، پر اھو منھنجو پيءُ آھي جيڪو آسمان مان سچي ماني ڏئي ٿو.
33 ڇالاءِجو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“
34 تنھن تي انھن عرض ڪيس تہ ”سائين! پوءِ اھا ماني اسان کي ھميشہ لاءِ ڏيو.“
35 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.
36 مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ مون کي ڏسڻ کان پوءِ بہ اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو.