43 عيسيٰ وراڻين تہ ”ڪرڪڻ بند ڪريو.
44 ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.
45 نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو.
46 ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.
47 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ ايمان آڻي ٿو تنھن جي ئي زندگي دائمي آھي.
48 آءٌ زندگيءَ جي ماني آھيان.
49 اوھان جي ابن ڏاڏن رڻپٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي، تڏھن بہ مري ويا.