6 انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.
7 جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“
8 وري بہ ھو نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.
9 جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.
10 عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“
11 انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“
12 عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“