مڪاشفو 10:1-7 SCLNT

1 پوءِ مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي آسمان مان لھندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ڍڪيل ھو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ ھئي. ھن جو منھن سج جھڙو ھو ۽ سندس ٽنگون باھہ جي ٿنڀن جھڙيون ھيون.

2 ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو کليل ڪتاب ھو. ھن پنھنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.

3 پوءِ ھن وڏي آواز سان اھڙي رڙ ڪئي جھڙي شينھن جي گجگوڙ ۽ جڏھن ھن رڙ ڪئي تہ گجگوڙن جا ست آواز ٿيا.

4 جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“

5 ان کان پوءِ جنھن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنھن پنھنجو ساڄو ھٿ آسمان ڏانھن کنيو،

6 ۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.

7 پر انھيءَ وقت جڏھن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو ھوندو تڏھن خدا جو راز پورو ٿيندو، جيڪو ھن پنھنجي ٻانھن يعني نبين تي ظاھر ڪيو ھو.“