مڪاشفو 11:11-17 SCLNT

11 ساڍن ٽن ڏينھن کان پوءِ خدا انھن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اُھي اٿي کڙا ٿيا ۽ کين ڏسڻ وارن کي ڏاڍو خوف ٿيو.

12 انھن نبين آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنھن کين چيو تہ ”ھيڏانھن اچو.“ ھو ڪڪر تي سوار ٿي آسمان ڏانھن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رھيا.

13 انھيءَ مھل ھڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ شھر جو ڏھون حصو ڪري پيو. انھيءَ زلزلي ۾ ست ھزار ماڻھو مري ويا ۽ باقي ٻيا ڊڄي ڪري عرش عظيم جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

14 ٻي مصيبت لنگھي ويئي ۽ ٽئين مصيبت جلد اچڻ واري آھي.

15 جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“

16 پوءِ اُھي چوويھہ بزرگ جيڪي خدا جي آڏو پنھنجي پنھنجي تخت تي ويٺا ھئا، سي منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري

17 چوڻ لڳا تہ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا!تون آھين ۽ تون ھئين.اسين تنھنجا شڪرانا بجاءِ آڻيون ٿا،ڇالاءِ⁠جو تون پنھنجي وڏي قدرت ڏيکاريبادشاھي ڪرڻ لڳو آھين.