1 پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو.
2 اُھا پيٽ ڀرئي سان ھئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري رڙيون پئي ڪيائين، ڇالاءِجو ٻار ڄڻڻ تي ھئي.
3 ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.
4 انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.
5 عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو.
6 عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.
7 ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا،