مڪاشفو 12:11-17 SCLNT

11 پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻونگھيٽي جي رت جي وسيلي۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪريمٿس غالب پيا،ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہپنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.

12 تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو!اوھين خوشيون ڪريو.پر اي زمين ۽ سمنڊ!اوھان لاءِ افسوس آھي،ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ ماناوھان ڏانھن لھي آيو آھي،انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہسندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“

13 جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو.

14 پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي.

15 پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي.

16 پر زمين انھيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنھنجو وات کولي انھيءَ درياءَ جي پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدھا پنھنجي وات مان وھايو ھو.

17 ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.