15 پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي.
16 پر زمين انھيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنھنجو وات کولي انھيءَ درياءَ جي پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدھا پنھنجي وات مان وھايو ھو.
17 ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.
18 پوءِ اھو ازدھا سمنڊ جي واريءَ تي وڃي ويٺو.