مڪاشفو 12:5-11 SCLNT

5 عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو.

6 عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.

7 ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا،

8 پر کين شڪست آئي. تنھنڪري آسمان ۾ انھن جي ڪابہ جاءِ نہ رھي.

9 اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.

10 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو،قدرت ۽ بادشاھت۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي.ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو،جيڪو رات ڏينھناسان جي خدا جي آڏومٿن الزام ھڻي رھيو ھو،سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.

11 پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻونگھيٽي جي رت جي وسيلي۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪريمٿس غالب پيا،ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہپنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.