9 اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.
10 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو،قدرت ۽ بادشاھت۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي.ڇالاءِجو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو،جيڪو رات ڏينھناسان جي خدا جي آڏومٿن الزام ھڻي رھيو ھو،سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.
11 پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻونگھيٽي جي رت جي وسيلي۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪريمٿس غالب پيا،ڇالاءِجو ھنن موت تائين بہپنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.
12 تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو!اوھين خوشيون ڪريو.پر اي زمين ۽ سمنڊ!اوھان لاءِ افسوس آھي،ڇالاءِجو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ ماناوھان ڏانھن لھي آيو آھي،انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہسندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“
13 جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو.
14 پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي.
15 پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي.