مڪاشفو 14:11-17 SCLNT

11 انھن جي عذاب جو دونھون سدائين پيو نڪرندو رھندو ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان ھڻائين ٿا، تن کي رات ڏينھن آرام ڪونہ ملندو.

12 اھو آھي خدا جي انھيءَ قوم وارن جو صبر، جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿا ھلن ۽ عيسيٰ تي ايمان ٿا آڻين.“

13 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“

14 پوءِ مون نھاريو تہ مون کي ھڪ تجليدار ڪڪر نظر آيو ۽ انھيءَ ڪڪر تي ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ويٺل ھو، جنھن جي مٿي تي سونو تاج ھو ۽ ھٿ ۾ ھڪڙو تکو ڏاٽو ھوس.

15 ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“

16 انھيءَ شخص جيڪو ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن پنھنجو ڏاٽو زمين تي کڻي اڇلايو تہ زمين لڻجي ويئي.

17 ان کان پوءِ ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني ھيڪل مان نڪتو، جنھن جي ھٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو ھو.