مڪاشفو 14:4-10 SCLNT

4 ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.

5 انھن جي وات مان ڪڏھن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اھي بي⁠عيب آھن.

6 تنھن کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اڏامندي ڏٺو، جنھن وٽ زمين جي رھاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين ۽ اُمتن کي ٻڌائڻ لاءِ ھميشہ جي خوشخبري ھئي.

7 ھُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا کان ڊڄو ۽ سندس تعريف ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عدالت جو وقت اچي پھتو آھي. انھيءَ جي عبادت ڪريو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آھن.“

8 ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“

9 انھن جي پٺيان ھڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ حيوان يا سندس بت جي پوڄا ڪندو ۽ پنھنجي پيشانيءَ يا ھٿ تي سندس نشان ھڻائيندو،

10 تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.