1 پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِجو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.
2 مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.
3 اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق!تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن.اي قومن جا بادشاھہ!تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.
4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ڇالاءِجو رڳو تون ئي پاڪ آھين.سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون،ڇالاءِجو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“
5 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي.