4 جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.
5 مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين،تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.
6 ڇاڪاڻتہ ھنن خدا جي قوم وارن۽ نبين جو رت وھايو،۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو.اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“
7 ايتري ۾ مون قربانگاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق!بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“
8 چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي.
9 اھي سخت تپش جي ڪري ڏاڍا سڙي پيا ۽ خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، جيڪو انھن آفتن تي اختيار رکي ٿو. پوءِ بہ انھن توبھہ نہ ڪئي ۽ نہ ئي سندس واکاڻ ڪيائون.
10 ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.