مڪاشفو 16:8-14 SCLNT

8 چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي.

9 اھي سخت تپش جي ڪري ڏاڍا سڙي پيا ۽ خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، جيڪو انھن آفتن تي اختيار رکي ٿو. پوءِ بہ انھن توبھہ نہ ڪئي ۽ نہ ئي سندس واکاڻ ڪيائون.

10 ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.

11 اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون.

12 جڏھن ڇھين ملائڪ پنھنجو پيالو وڏي درياءَ فرات جي مٿان ھاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو، تہ جيئن اڀرندي کان اچڻ وارن بادشاھن لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.

13 پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.

14 اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.