مڪاشفو 17:10-16 SCLNT

10 انھن مان پنج ڪري پيا آھن، ھڪڙو موجود آھي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونھي ۽ جڏھن اھو ايندو تہ ضرور ٿوري وقت تائين رھندو.

11 جيڪو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي، سو پاڻ اٺون بادشاھہ آھي ۽ انھن ستن مان ئي پيدا ٿيو آھي. اھو پاڻ ئي برباد ٿي ويندو.

12 جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.

13 انھن ڏھن ئي جي ھڪڙي راءِ ھوندي ۽ اھي پنھنجي طاقت ۽ اختيار انھيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.

14 اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“

15 پوءِ ملائڪ چيو تہ ”جيڪي درياءَ تو ڏٺا، جن جي ڀرسان اھا ڪسبياڻي ويٺي آھي، سي اُمتون، ميڙ، قومون ۽ ٻوليون آھن.

16 جيڪو حيوان ۽ سندس ڏھہ سڱ تو ڏٺا، سي انھيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس برباد ۽ اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.