مڪاشفو 17:2-8 SCLNT

2 انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“

3 اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو.

4 انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو.

5 انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“

6 مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو.آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.

7 تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس.

8 اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.