مڪاشفو 17:4-10 SCLNT

4 انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو.

5 انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“

6 مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو.آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.

7 تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس.

8 اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.

9 انھيءَ کي سمجھڻ لاءِ سياڻپ گھرجي. اھي ست مٿا ست جبل آھن، جن تي اھا عورت ويٺي آھي. اھي ست بادشاھہ بہ آھن.

10 انھن مان پنج ڪري پيا آھن، ھڪڙو موجود آھي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونھي ۽ جڏھن اھو ايندو تہ ضرور ٿوري وقت تائين رھندو.