مڪاشفو 17:8-14 SCLNT

8 اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.

9 انھيءَ کي سمجھڻ لاءِ سياڻپ گھرجي. اھي ست مٿا ست جبل آھن، جن تي اھا عورت ويٺي آھي. اھي ست بادشاھہ بہ آھن.

10 انھن مان پنج ڪري پيا آھن، ھڪڙو موجود آھي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونھي ۽ جڏھن اھو ايندو تہ ضرور ٿوري وقت تائين رھندو.

11 جيڪو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي، سو پاڻ اٺون بادشاھہ آھي ۽ انھن ستن مان ئي پيدا ٿيو آھي. اھو پاڻ ئي برباد ٿي ويندو.

12 جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.

13 انھن ڏھن ئي جي ھڪڙي راءِ ھوندي ۽ اھي پنھنجي طاقت ۽ اختيار انھيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.

14 اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“