مڪاشفو 18:1-6 SCLNT

1 ان کان پوءِ مون ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لھندي ڏٺو، جنھن کي وڏو اختيار مليل ھو ۽ سندس جلوي جي ڪري زمين روشن ٿي ويئي.

2 ھن وڏي آواز سان چيو تہ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو.اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو.ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو،بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.

3 ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪريسڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن،۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي.دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪريدولتمند ٿي پيا.“

4 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو،تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو.متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.

5 ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جا گناھہ آسمان تائين وڃي پھتا آھن،۽ خدا کي ھن جون بدڪاريون ياد آھن.

6 جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس.جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.