مڪاشفو 18:15-21 SCLNT

15 انھن شين جا سوداگر جيڪي انھيءَ واپار جي ڪري دولتمند ٿي ويا ھئا، سي ھن جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي روئندا ۽ پٽيندا،

16 ۽ چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر جيڪو عمدو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ قرمزي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ سون، ھيرا جواھرات ۽ موتين سان سينگاريل ھو،

17 تنھن جي ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“سڀيئي ميربحر ۽ جھاز جا سڀيئي مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيھي رھندا.

18 اُھي ھن شھر جي سڙڻ جو دونھون ڏسي رڙيون ڪري چوندا تہ ”ھن وڏي شھر جھڙو ٻيو ڪو وڏو شھر ڪونھي.“

19 اھي پنھنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي رڙيون ڪري روئي پٽي چوندا تہ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر،جنھن جي دولت جي ڪريسمنڊ جا سڀيئي جھازن وارادولتمند ٿي پيا،سو ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.

20 اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو!اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو،ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪريھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“

21 پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرحزور سان ڪيرايو ويندو۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.