مڪاشفو 18:6-12 SCLNT

6 جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس.جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.

7 جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو۽ عيش عشرت ڪيائين،اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو.ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان.آءٌ رن⁠زال نہ آھيان،۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘

8 انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار.اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي،ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا،جيڪو ھن جو انصاف ڪندوسو قادر آھي.“

9 دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.

10 اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“

11 دنيا جا سوداگر ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇالاءِ⁠جو سندن مال وري ڪوبہ خريد نہ ڪندو.

12 يعني سندن سون، چاندي، ھيرا جواھرات، موتي، عمدو ڪپڙو، واڱڻائي، ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، سڀ سرھيون ڪاٺيون، عاج، تمام قيمتي ڪاٺ، پتل، لوھہ ۽ سنگمرمر مان ٺھيل ھر قسم جون شيون،