مڪاشفو 18:9-15 SCLNT

9 دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.

10 اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“

11 دنيا جا سوداگر ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇالاءِ⁠جو سندن مال وري ڪوبہ خريد نہ ڪندو.

12 يعني سندن سون، چاندي، ھيرا جواھرات، موتي، عمدو ڪپڙو، واڱڻائي، ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، سڀ سرھيون ڪاٺيون، عاج، تمام قيمتي ڪاٺ، پتل، لوھہ ۽ سنگمرمر مان ٺھيل ھر قسم جون شيون،

13 دالچيني، مصالحا، خوشبوءِ، عطر، لوبان، مئي، تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ انسانن جون جانيون ۽ ساھہ.

14 اھي چوندا تہ ”تنھنجا دل پسند ميوا تو وٽان ھليا ويا ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون تو وٽ ھيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏھن بہ ھٿ ڪين اينديون.“

15 انھن شين جا سوداگر جيڪي انھيءَ واپار جي ڪري دولتمند ٿي ويا ھئا، سي ھن جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي روئندا ۽ پٽيندا،