مڪاشفو 19:1-7 SCLNT

1 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف.ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرتاسان جي خدا جي آھي.

2 ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن.ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو،جنھن پنھنجي زناڪاريءَ ساندنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو.خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جيخون جو بدلو ورتو.“

3 ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف.انھيءَ وڏي شھر جو دونھونھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“

4 پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“

5 پوءِ تخت مان ھڪڙو آواز آيو تہ”اي خدا جا ٻانھؤ!ننڍا توڙي وڏا، جيڪي کانئس ڊڄو ٿا،سي سڀ خدا جي تعريف ڪريو.“

6 پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف،ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خداجيڪو قادرِمطلق آھي،سو بادشاھي ٿو ڪري.

7 اچو تہ اسين خوش ٿيون،۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون،ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.