مڪاشفو 19:15-21 SCLNT

15 ھن جي وات مان ھڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن ھو قومن کي ماري. ھو مٿن لوھہ جي لٺ سان حڪومت ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ ڊاک کي لتاڙيندو.

16 ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“

17 ان کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ سج تي بيٺل ڏٺو، جنھن وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ خدا جي وڏي دعوت ۾ شامل ٿيو،

18 تہ جيئن اوھين بادشاھن، سپھہ⁠سالارن، سپاھين، گھوڙن ۽ انھن جي سوارن ۽ سڀني ماڻھن، آزادن توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن جو گوشت کائو.“

19 پوءِ مون انھيءَ حيوان، دنيا جي بادشاھن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انھيءَ گھوڙي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا.

20 انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.

21 باقي ٻيا انھيءَ گھوڙي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنھن سان ماريا ويا ۽ سڀني پکين انھن جو گوشت کائي ڍءُ ڪيو.